اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پيشيوراڻي ۽ هنر تي ٻڌل تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ج??ڪي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيندا. اعليٰ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته حڪومت تعليمي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ مستحق شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ 50 هزار وظيفن ج?? اعلان ڪيو آهي. اهڙن خيالن ج?? اطهار هن پروفيشنل ايجوڪيشن ف??ئو??ڊيشن ج?? هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين حفيظ الحق جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهايئندي صدر چيو ته خصوصي شاگردن کي پنهنجي تعليم جاري رکڻ ۽ کين مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن ج?? حوصلا افزائي ڪرڻ اسان ج?? اهم ترجيح آهي، هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن ج?? مدد ۽ حوصلا افزائي لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن هڪ پاليسي ٺاهي رهي آهي جنهن ۾ معذور شاگردن کي ٽيوشن ۽ هاسٽل فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. صدر تعليم جي ورچوئل جزو کي وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته اها گهٽ لاڳت ۽ آسان پهچ وارو طريقو آهي. ان وقعي تي پروفيشنل ايجوڪيشن ف??ئو??ڊيشن ج?? چيئرمين صدر کي پيشيوراڻي تعليم جي فروغ ۾ ف??ئو??ڊيسن ج?? ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته پي ايف ايف انهن هوشيار شاگردن کي وظيفا ۽ بنا وياج جي قرضن ج?? آڇ ڪئي جنهن ميرٽ تي پروفيشنل ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪئي، پر اهي پنهنجي فيس ادا ڪرڻ جي سگهه نه رکندا هئا، هن چيو ته پي ايف ايف جي مالي تعاون سان 1700 شاگردن گريجوئيشن ڪئي آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ف??ئو??ڊيشن 21 -2020ع ۾ 1900 شاگردن جا تعليمي خرچا ادا ڪيا جيڪي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين پروفيشنل ڪاليجن/يونيورسٽين ۾ تعل??م پرائي رهيا هئا، صدر پروفيشنل ايجوڪيشن ف??ئو??ڊيشن ج?? ڪوششن ۽ سهڪار کي ساراهيو جيڪا مستحق شاگردن ج?? تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪري هڪ شاندار ڪم ڪري رهي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Pak, China, Afghan FMs to meet in Kabul on Aug 20
-
Turkish state aid agency trains Pakistani scouts on disaster response
-
NY State Assembly, Senate adopt resolutions honoring Pak-Americans
-
Pakistan, Turkiye vow to strengthen partnership
-
A unified Senate: Pakistan’s democratic response to rising tensions
-
Memon briefs Zardari on uplift projects in Sindh
-
ڈیٹا بیس آن لائن ایماندار بیٹنگ پلیٹ فارم
-
Pakistan deports; Kabul welcomes back iconic green-eyed Afghan Girl
-
Foggy conditions likely to continue
-
Police given more time for investigating Tayyabas torture case
-
گورنر آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک کی مکمل رہنمائی
-
ایم جی کارڈ گیم آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات