اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان غيرقانوني طور تي ڄمون ڪش??ير ۾ ظلم ۽ جبر جو هڪ نئون دور شروع ڪيو آهي، ميڊيا کي دٻائڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. يوم استحصال ڪش??ير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ياد ڪرڻ جو هڪ سنجيده موقعو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان ??ار?? پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ڏينهن ڀارت آءِ آءِ او جي ڪي، جي خاص حيثيت کي ختم ڪيو ۽ ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هن چيو ته ڀارت خطي جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ۽ ڪشميري عوام جي حق خوداراديت کي مجروح ڪندي نام نهاد يونين ٽيريٽريز قائم ڪري ڇڏيون. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي قدمن سان آباد??ات?? تبديلي ۽ سياسي انجنيئرنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪشميري عوام کي پنهنجي ئي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت بڻجڻ جو خطرو درپيش آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان ڄمون ڪش??ير ۾ ظلم ۽ جبر جو هڪ نئون دور شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته تازو ئي ڀارتي عملدارن ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ لاءِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو آهي، بيگناهه ماڻهن کي هراسان ڪرڻ، گهيراءَ ۽ تلاشي جون ڪارروائيون ۽ عدالت کان مٿانهان قتل روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي بنيادي اظهار جي آزادي، اجتماع ۽ مذهب کان محروم آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته هو پنهنجي سڃاڻپ جي خود اراديت واري حق کي استعمال ڪرڻ کان به قاصر آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سميت پنهنجي سڀني پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، ڄمون ڪش??ير تڪرار جي حل تي ٻڌل آهي. پرڏيهي وزير عالم?? برادري کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي سنگين ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين جي خاتمي جو مطالبو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي واپسي سخت قانونن جي رد ٿيڻ ۽ ڄمون ڪش??ير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ذريعي ڄمون ڪش??ير تڪرار جي ڌر طور پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق آزاد ۽ غيرجانبدار راءِ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خودراديت واري حق جي حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور ۽ ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ??ار?? رهندي.
متعلقہ مضامین
-
Kundi meets Barcelona’s governor with climate change on agenda
-
US magazine praises Pakistan’s diplomatic success under COAS
-
Traffic accident kills 3 at Drigh Road underpass
-
MoITT, LUMS join hands for citizen-centric digital Pakistan
-
Key operative of Morocco tragedy gang arrested
-
دی اسمرفس آفیشل گیم ویب سائٹ
-
Miracle کا سرکاری تفریحی داخلی راستہ: تفریح کی دنیا میں انقلاب
-
Pakistani-Americans urged to promote countrys positive image
-
SC declares murder convict innocent after 10 years
-
Shock and horror
-
ٹریژر ٹری انٹیگریٹی بیٹنگ کے داخلے کی اہمیت اور طریقہ کار
-
CMD گیم آفیشل ڈاؤن لوڈ: مکمل گائیڈ اور تفصیل